درويش شاهه

درويش شاهه: تحفة الطاهرين ۾ شيخ محمد اعظم ڄاڻائي ٿو ته: ”شاهه درويش وڏو بزرگ پرهيزگار، صاحب ڪرامت ۽ ولي هو. هي اصل ۾ هندستان مان لڏي اچي ٺٽي شهر ۾ رهائش پذير ٿيو. مڪليءَ تي جنهن هنڌ دفن ٿيل آهي. اتي هميشه ويٺو خدا جي عبادت ۽ ذڪر ڪندو هو. جڏهن به ڪو سوالي ايندو هو ته ترت جواب ڏيندو هو. سندس ڪرامتون گھڻيون مشهور آهن. معرفت ۽ يقين جو صاحب هو. هي ڏهين صدي هجريءَ/ سورهين صدي عيسويءَ ۾ ٺٽي ۾ آيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين.“


لفظ درويش شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو